راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته فيصلو نه اچڻ ڪنهن ڊيل جو نتيجو نه آهي، اسان فيصلي لاءِ تيار ٿي آيا هئاسين، خبر ناهي جج صاحب ايترو جلد ڪيئن هليو ويو، اسان کي فيصلي لاءِ 11 وڳي جو وقت ڏنو ويو هو، پي ٽي آءِ باني کي عدالت ۾ آڻڻ جيل انتظاميه جو ڪم هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته ڊيل جو تاثر ڏنو پيو وڃي، پر ڪا ڊيل نه پئي ٿئي، هو جمهوريت ۽ انصاف لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهن، عليما خان چيو ته هوءَ فيصلو ملتوي ٿيڻ تي خوش نه آهي، پي ٽي آءِ باني چاهي پيو ته فيصلو اچي ته جيئن هو هاءِ ڪورٽ وڃي سگهن، هو وقت تي پهچي ويا هئا.