ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار پاران بيروزگار نوجوانن کي آسان قسطن تي اِي وِي ٽيڪسي فراهم ڪرڻ جو فيصلو، اِي وي ٽيڪسي ڪمپني جي عملدارن جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ماحول دوست اي وي ٽيڪسي اسڪيم نوجوانن کي روزگار جا موقعا مهيا ڪندي، اي وِي ٽيڪسي منصوبو نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ اهم قدم ثابت ٿيندو، صوبائي وزير پاران اي وِي ٽيڪسي منصوبي لاءِ مختلف بينڪن سان رابطن ۽ مالي ماڊلز تيار ڪرڻ جون هدايتون به جاري ڪيون ويون.