تازہ ترین

معاشي ترقي جي شروعات ٿي چڪي، ملڪ ۾ معاشي بهتري آئي آهي: وزيراعظم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي ترقي جي شروعات ٿي چڪي آهي، ملڪ ۾ معاشي بهتري آئي آهي، هن چيو ته  اسٽاڪ مارڪيٽ جي بهترين ڪارڪردگي تي مان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ملڪي معيشيت ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو هدف معيشت ۾ بهتري آڻڻ آهي، پهريون ڀيرو اسٽاڪ مارڪيٽ جو دورو ڪندي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي، هاڻ اسان کي گروٿ جي طرف وڌڻو آهي. هڪ زماني ۾ ڪراچيءَ جون روشنيون ختم ٿي ويون هيون، ڪراچي ملڪي معيشيت جي ڪرنگھي جي هڏي آهي، ملڪ ۾ معاشي طور استحڪام آيو آهي، پاڪستاني معيشت پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اڙان پاڪستان سان ملڪي معاشي ترقي ۾ ملڪ ۾ بهتري ايندي، اسان کي آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن کي پاڙڻو پوندو، اهو وقت به ايندو جو اسان آءِ ايم ايف کي الوداع ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته 6 ميهنن جون ٽئڪس رڪوريون سڀني جي سامهون آهن. معاشي ترقيءَ جي لاءِ اسان سڀني سان گڏ ويهڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پهچڻ بعد پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو دورو ڪيو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف شرڪت ڪئي، تقريب ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب به شريڪ هئا، جڏهن ته تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري به موجود هئا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.