ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس جي وڌيڪ تياري ۽ جاچ لاءِ عدالت کان مهلت طلب ڪري ورتي، پوليس سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيس ختم ڪرڻ بابت رپورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميرپورخاص ۾ پيش ڪري ڇڏي، ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڪيس جا مک جوابدار اڳوڻو ڊي آءِ جي ۽ اڳوڻو ايس ايس پي ميرپورخاص اڃا تائين جاچ ۾ شامل ناهن ڪيا ويا، انهن جون گرفتاريون به عمل ۾ نه آيون آهن، جيڪي پوليس جي جاچ تي وڏو سواليا نشان آهن، فريادي ڌر جي وڪيل عدالت ۾ اعتراض داخل ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي 21 جنوري تائين ملتوي.