ٺاروشاهه (ويب ڊيسڪ) ٺاروشاهه ڀرسان 12 ورهين جي نينگري کي مامن پاران زبردستي پرڻائڻ جي ڪوشش، پيءُ ڌيءَ کي ساڻ ڪري ٺاروشاهه پريس ڪلب پهچي ويو، رمضان شاهه جو چوڻ آهي ته ڌيءَ پنهنجي مامن جي گهر ۾ رهندي آهي، سالن سندس مرضي خلاف نشو واپرائيندڙ گونگي نوجوان سان افسانا جي زبردستي شادي ڪرائڻ لاءِ ڌمڪايو آهي ۽ نينگريءَ تي تشدد ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو آهي، معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.