لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ لاءِ سُٺي خبر، چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سمورن معاملن تي اتفاق ٿي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي تي هاڻي ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي، معاملن تي معاهدن جو ڪم حتمي مرحلي ۾ پهچي چڪو آهي، آءِ سي سيءَ پاران اڄ يا سڀاڻي باضابطه اعلان ڪيو ويندو، ڀارتي ميڊيا دعوي ڪئي هئي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ هائبرڊ ماڊل جي منظوري ڏني آهي، ايندڙ ٽِن سالن تائين ڀارتي ٽيم پاڪستان نه ايندي ۽ پاڪستاني ٽيم به ڀارت نه ويندي، ڀارتي ميڊيا موجب، هائبرڊ ماڊل جي منظوري لکت ۾ نه اصولي طور تي هئي.