اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ديني مدرسن جي رجسٽريشن بابت صدر مملڪت جا اعتراض آئيني ۽ قانوني قرار ڏئي ڇڏيا، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته صدر جي اعتراضن ۾ نه ايف اي ٽي ايف جو ذڪر آهي، نه ئي ڪو تعلق، قانوني ۽ آئيني معاملن تي سياست ڪرڻ ڪنهن جي به حق ۾ ناهي، صدر مملڪت ۽ پارليامينٽ جي اختيارين بابت غير ضروري بيانبازي کان پاسو ڪيو وڃي.