لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) آل رائونڊر عماد وسيم انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، عماد وسيم سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، سندس چوڻ آهي ته گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ زندگي جو وڏي ۾ وڏو اعزاز آهي، ڊوميسٽڪ ۽ فرنچائيز ڪرڪيٽ ۾ پنهنجو سفر جاري رکندس.