اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حڪومت سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي، قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيو جنهن دوران عمر ايوب جو چوڻ هو ته اسپيڪر اياز صادق سان سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، پي ٽي آءِ باني جي جوڙيل ڳالهين واري ٽيم قائم آهي، سينيٽر علي ظفر جو چوڻ آهي ته هو ڳالهين جي معاملي تي حڪومت کان خيرات نه پيا گهرن، ملاقات دوران پي ٽي آءِ باني ڳالهين جي عمل تي ناراضگي جو اظهار ڪيو، سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا چيو آهي ته مائنس پي ٽي آءِ باني تي ڳالهيون نه ٿينديون، هنن طرفان ڪا زبردستي ناهي، ڪو ڳالهيون ڪرڻ چاهي ته ٺيڪ، نه ڪرڻ چاهي ته انهن جي مرضي آهي.