اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ رڪارڊ اضافي ۽ مهانگائيءَ جي هفتيوار شرح ۾ 3.5 سيڪڙو تائين گھٽتائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ اضافو پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو اعتماد ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته هي اضافو هڪ ساسي پارٽيءَ جي طرفان سول نافرماني جي ڪال باوجود ٿيو آهي ان سان ڪال کان وڌيڪ پاڪستان سان ٻي ڪهڙي دشمني هوندي. وزيراعظم اقتصادي ترقيءَ لاءِ سياسي استحڪام جي ضرورت تي زور ڏيندي گذريل ڏينهن ملڪي امن امان جي صورتحال جي باري ۾ ٿيندڙ اجلاس جو حوالو ڏنو.