اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ حساس ادارن ۾ سياسي سيل ختم ڪرڻ جي رپورٽ طلب ڪري ورتي، اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل کي بچاءَ واري وزارت جو جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم، حساس ادارن ۾ سياسي سيل ته ختم ڪري ڇڏيا هئا، ايڊيشنل اٽارني جنرل جي عدالت کي آگاهي، ان موقعي تي جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏيندي چيو ته ان جو مطلب آهي حساس ادارن ۾ سياسي سيل هئا. جنهن تي سلمان اڪرم راجا سوال ڪيو ته جن ماڻهن 1990 جي اليڪشن چوري ڪئي، انهن خلاف ايڪشن ٿيو؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ايف آءِ اي اصغر خان ڪيس ۾ انڪوائري بند ڪري ڇڏي، جسٽس حسن اظهر رضوي جو پڇاڻو ڪيو ته ڇا سياستدانن ۾ ورهايل رقم رڪور ڪئي وئي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته وڏا وڏا سياسي نالا آهن جن ۾ رقم ورهائڻ جو الزام لڳايو ويو، ايف آءِ اي جي انڪوائري ۾ رقم ورهائڻ جون شاهديون نه مليون. عدالت بچاءَ واري وزارت جي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.