اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل واري ڪيس ۾ حراست هيٺ ماڻهن کي عام جيلن ۾ منتقل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسا جي استدعا ڪندي گھر ڪئي ته گرفتار ماڻهن سان عام جيلن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ملاقات ته ٿي سگهي ٿي، حراست ۾ ورتل ماڻهن کي عام جيل ۾ منتقل ڪيو وڃي. ان موقعي تي جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏيندي چيو ته ملاقات بابت اٽارني جنرل خاطري ڪرائي چڪو آهي، هو ڪيس ٻڌي رهيا آهن، ڪنهن ٻئي پاسي نه وڃو.