اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ جي داخلا قائمه ڪاميٽي جي ميمبرن وفاقي جاچ اداري جي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايف آءِ اي ڏوهن جي بازار گرم ڪري رکي آهي. قومي اسيمبليءَ جي قائمه ڪاميٽي داخلا جو اجلاس چيئرمين خرم نواز جي سربراهيءَ ۾ ٿيو جنهن ۾ گم ٿيل ماڻهن جو معاملو بحث هيٺ آيو، ان دوران ڪاميٽي چيئرمين ۽ ميمبرن ايف آءِ اي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ڪاميٽي چيئرمين خرم نواز جو چوڻ هو ته ايف آءِ اي ڏوهن جي بازار گرم ڪري رکي آهي، ڇا گھرو ڪميٽيءَ وٽ اٿارٽي آهي ته ايف آءِ اي کان ڏوهن جو حساب وٺي سگھجي؟ وڃي ڊي جي ايف آءِ اي کي ٻڌايو ته ايئن نه هلندو. ڪاميٽيءَ جي ميمبر چوڌري نصير چيو ته منهنجي ضلعي مان هڪ شخص ڏيڍ سال کان گم آهي، 2 ڪروڙ رپيا گھريا پيا وڃن ۽ ڀنگ گھرندڙ ايران ۾ ويٺا آهن، ايف آءِ اي چيو ته ڊي جي سان رابطو ڪريو پر ڇا عام ماڻهو ڊي جي ايف آءِ اي سان رابطو ڪري سگھي ٿو؟ مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي ته ملڪ ۾ چور بازاري کان سواءِ ايف آءِ اي ڪم ڪهڙو ڪيو آهي؟ ڪميٽي ميمبر حنيف عباسيءَ چيو ته پهريان نبيل گبول پوءِ مون ۽ اڄ چوڌري نصير ايف آءِ اي جي ڪنڊڪٽ تي سوال اٿاريو آهي، ايف آءِ اي وارن کي گھرو ڪاميٽيءَ ۾ سڏائي اسان توهين نه ڪندا ڪريو. اسيمبلي ميمبر نبيل گبول چيو ته ڪاميٽيءَ جي ڪنهن به ڳالهه جي بيورو ڪريسيءَ جي سامهون ڪا اهميت ناهي. چيئرمين خرم نواز چيو ته ايف آءِ اي جي ڊي جي يا ڊائريڪٽر جو ذاتي ڪيس هجي ته هاءِ ڪورٽ مان ضمانت باوجود ٻيو ڪيس ٺاهي وٺندا آهن. بعد ۾ ڪاميٽيءَ 14 مهينن کان گم گجرات جي شهريءَ کي هڪ هفتي ۾ بازياب ڪرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.