چارسده (ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اڄ اجلاس سڏائي عالمن کي ورهائش جي سازش ڪئي وئي، چارسده ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اجلاس سڏائي ملڪ ۾ عالمن کي ورهائڻ جي سازش ڪئي وئي، اسان انهن عالم کي به پنهنجي صف جا ماڻهو سمجھون ٿا، ديني مدرسن جي حقن جي جنگ سمورن مدرسن ۽ عالمن لاءِ وڙهي رهيا آهيون. مولانا چيو ته اسان رياست سان ٽڪراءُ نه پر رجسٽريشن چاهيون ٿا، ان بابت 2004ع ۾ به قانون سازي ٿي هئي، 2019ع ۾ هڪ نئين نظام لاءِ صرف هڪ معاهدو ڪيو ويو. جي يو آءِ سربراهه چيو ته اليڪشن کان اڳ پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ سمورين پارٽين بل تي اتفاق ڪيو هو ۽ ان جي پهرين خواندگي تي ڪو اختلاف نه هو، ٻين خواندگيءَ ۾ ادارن مداخلت ڪري قانون سازي روڪرائي. 26 هين آئيني ترميم جي مرحلي دوران بل جي منظوريءَ بابت ڳالهايو جنهن کان سمورا اسٽيڪ هولڊر واقف هئا. اڄ نئون شوشو ڇڏيو ويو آهي ته پهريان تعليم جي وزارت سان سلهاڙيل هئا، اسان ٻڌائڻ ٿا چاهيو ته ان مسودي ۾ سمورن مدرسن کي ڪنهن به وفاق سان الحاق جي مڪمل آزاد ڏني وئي آهي ڀلي اهو 1860 جي سوسائٽي ائڪٽ جي تحت يا تعليم جي وزارت سان سلهاڙيل هجڻ گھرجي، اسان کي ڪو اعتراض ناهي، هر مدرسو ان بابت آزاد آهي.