تازہ ترین

مدرسن جو تعليمي معاملو، ان کي سياسي ميدان ۾ نه اڇليو وڃي: علامه راغب نعيمي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سربراهه علامه راغب نعيميءَ چيو آهي ته مدرسن جو تعليمي معاملو آهي، ان کي سياسي ميدان ۾ نه اڇليو وڃي. اسلام آباد ۾ مدرسن جي رجسٽريشن ۽ سڌارن بابت اجلاس کي خطاب ڪندي علامه راغب نعيمي چيو ته مدرسن جي نظام کي ڪنهن پرڏيهي ايجنڊا کان خطرو نه آهي، مدرسن کي تعليم جي وزارت سان سلهاڙيل هجڻ گھرجي، مدرسن جو معاملو تعليمي معاملو آهي ان ڪري ان کي سياسي اکاڙو نه بڻايو وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي علامه طاهر اشرفيءَ چيوته 2019ع ۾ مدرسن جا نوان بورڊز بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اڄ اهي سمورا بورڊز ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهيا اهن، اسان مدرسن تي ڪيئن ٺاهه ٿا ڪري سگھون؟ اسان تي بي سبب خوف مڙهيو ويندو آهي ته پرڏيهي ايجنڊا ايندي ۽ هينئن ٿي ويندو. ان موقعي تي ڊي جي مذهبي تعليم غلام قمر جو چوڻ هو ته ڪابينا جي فيصلي کان پوءِ مدرسن بابت معاهدو طئي ٿيو آهي ته سمورا مدرسا دائڪريٽريٽ ريليجيس ايجوڪيشن سان سلهاڙيل هوندا، اسان کي مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ تعليمي مظام کي هٿي وٺرائڻي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.