تازہ ترین

انسان هجن يا ملائڪ، پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي: عمر ايوب

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ عمر ايوب جو چوڻ آهي ته انسان هجن يا ملائڪ اسان ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون. تحريڪ انصاف جي ڳالهين جي پاليسي واضح ڪري ڇڏي آهي، راولپنڊيءَ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي عمر ايوب جو چوڻ هو ته هيءَ حڪومت ملڪ کي درپيش مئسلن جو حل ناهي، عدل ۽ قانون جي حڪمراني آڻڻي پوندي، هن وقت هتي صرف فاشزم ۽ ڏنڊو آهي. عمر ايوب جو چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ عمران خان 5 رڪني ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جي ڳالهيون نه ٿيو ته 13 ڊسمبر تي تحريڪ انصاف اڳئين مرحلي جو اعلان ڪندي، سول نافرمانيءَ جي تحريڪ شروع ڪنداسين. ان موقعي تي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز جو چوڻ هو ته جعلي حڪومت اسان کي جعلي ڪيسن ۾ مصروف رکڻ ٿي چاهي جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته 26 نومبر تي پي ٽي آءِ جي مارجي ويل ڪارڪنن جو تصديق ٿيل انگ 12 آهي، گم ٿيل ڪارڪنن جا تفصيل ڏسي رهيا آهيون، پارٽي چيئرمين طور جيڪا ڳالهه ڪنداسين سا پوري ذميواريءَ سان ڪنداسين.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.