تازہ ترین

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران مفرور جوابدار حماد صديقيءَ کي گرفتار نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جي مفرور جوابدار حماد صديقيءَ کي گرفتار نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا پرڏيهه فرار ٿيل جوابدار جي حوالگي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڊپٽي پروٽوڪول آفيسر ۽ سرڪاري پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت بلديه سانحي ڪيس ۾ مفرور جوابدار حماد صديقيءَ کي گرفتار نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جوابدار حماد صديقيءَ کي گرفتار ڪري ڏيهه ڇو نه آندو ويو آهي؟ اها گھرو وزارت جي نااهلي آهي، مفرور جوابدار کي گرفتار ڪري واپس نٿو آندو وڃي. عدالت اسٽيٽ لائيف آفيسر امجد شاهه جي قتل ۾ ملوث جوابدار تقي شاهه کي گرفتار نه ڪرڻ تي ۽ پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث مفرور جوابدار خرم نثار کي ڏيهه نه آڻڻ تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت مفرور جوابدارن حماد صديقي، تقي حيدر ۽ خرم نثار کي گرفتار نه ڪرڻ تي گھرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، جڏهن ته عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي به 17 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.