اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو، اجلاس ۾ رياستي ادارن خلاف مهم هلائڻ تي پي ٽي آءِ باني خلاف سنگين ڪيسن ۾ سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي حوالي سان منظوري ڏيڻ جو امڪان، پي ٽي آئي باني تي سوشل ميڊيا ذريعي شهرين کي رياست ۽ رياستي ادارن خلاف بغاوت تي ڀڙڪائڻ جا الزام، ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ٽيم جاچ مڪمل ڪري رپورٽ وفاقي گهرو وزير حوالي ڪئي، رپورٽ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.