تازہ ترین

ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ سيءُ وڌي ويو، اسڪردو ۾ پارو مائينس 6 ڊگري تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي اڪثر شهرن ۽ علائقن ۾ سيءَ ۾ واڌ اچي وئي آهي، اسڪردو ۾ پارو مائينس 6 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، جڏهن ته گلگت ۾ گرمي پد هڪ ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر اسڪردو موجب گھڻي برف پوڻ جي ڪري ڪاغان ناران روڊ ڏانهن ويندڙ روڊن کي سياحن لاءِ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ناران ۽ ٻين مٿانهن علائقن ۾ هوٽلون به بند ڪيون ويون آهن. سخت برفباريءَ سبب علائقن ۾ بجلي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون به موجود ناهن. هوڏانهن ڪوئيٽا جي وادي ۽ ان جي آسپاس گذريل رات دير سان برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، موسميات کاتي طرفان اتر بلوچستان، مٿيون خيبر پختون خواه، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ پوٽوهار خطي ۾ برساتن ۽ جبلن تي برف پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف لاهور جو هوائي معيار اڄ به صحت لاءِ خطرناڪ آهي، جڏهن ته هوائي گدلاڻ ۾ ڀارت جي گاديءَ وارو هنڌ نئين دهلي سڀني شهرن کان مٿي آهي، لاهور شهر ٻئي نمبر تي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.