تازہ ترین

ڪرم ۾ قبيلائي ويڙهه 11 هين ڏينهن به جاري، مارجي ويلن جو انگ 130 ٿي ويو

ڪرم (ويب ڊيسڪ) ضلعي ڪرم ۾ قبيلائي ويڙهاند 11هين ڏينهن به جاري آهي جنهن ۾ وڌيڪ 8 ماڻهو مارجي ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب فائرنگ جي واقعن ۾ هن وقت تائين 130 ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن. قبيلائي ويڙهاند جي ڪري پشاور، پارا چنار مرڪزي روڊ سميت اچ وڃ جا ٻيا سمورا رستا به بند آهن، جڏهن ته مرڪزي روڊ تي پاڪ افغان خرلاچي سرحد تي اچ وڃ به بند آهي. روڊن جي بندش جي ڪري تيل، کاڄرو شين ۽ دوائن جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود موجب لوئر ڪرم جي مختلف هنڌن تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جا دستا مقرر ڪيل آهن، باقي علائقن ۾ به اڄ فائربندي جون ڀرپور ڪوششون جاري آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.