ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهه ۾ به سنڌ جا ثقافتي رنگ نروار، آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ سنڌين ميلو مچائي ڇڏيو، ٽائيمز اسڪوائر تي سنڌي ثقافتي ويس پهري شريڪ ٿيا، سنڌي گيتن تي جهمريون هنيون ويون، سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي نيو يارڪ شاخ پاران شهر جي دل ٽائيمز اسڪوائر تي سنڌي ثقافت جو ميلو مچايو ويو.ثقافتي ميلي دوران ٽائيمز اسڪوائر تي ايندڙ هر ماڻهو کي موهي ڇڏيو، سانا اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سوچيل سمجهيل سازش تحت طاقتور ڌريون مذهبي انتهاپسندي کي هٿي وٺرائي رهيون آهن پر سنڌ جا ماڻهو پنهنجي رواداري واري سوچ، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي پاليسي تحت سڀني مذهبن جو احترام ۽ انسانيت اُتم واري اصول کي ڪڏهن به نه ڇڏيندا. ڪوريا ۾ ثقافتي عيد جي موقعي تي سنڌ واسين ڪورين شهرين کي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا، ثقافتي ڏهاڙي تي اجرڪ ۽ ٽوپي پائي سنڌ سان محبت جو اظهار، ڪورين شهرين طرفان سنڌي ثقافت ڏهاڙي تي پاڪستاني قوم کي واڌايون پيش.