واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ عجيب ۽ غريب واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ انسانن سان خراب رويو اختيار ڪرڻ تي 2 ٻَڪرن کي پوليس پڪڙي ورتو. ميڊيائي رپورٽن موجب آمريڪي گاديءَ واري شهر واشنگٽن ۾ 2 ٻڪرن جي ڪري شهري پريشان ٿي رهيا هئا. ڪينٽ پوليس ڊپارٽمينٽ موجب واشنگٽن ۾ فرار ٿيندڙ ٻڪرن جو هڪ جوڙو شهر ۾ گھمي رهيو هو ۽ پنڌ هلندڙ ماڻهن جو پيڇو ڪري کين ٽڪر هڻن سميت انهن کي پريشان ڪري رهيو هو. ان بابت ڪينٽ پوليس ڊپارٽمينٽ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ٻڌايو ته ٻن ٻڪرن کي شهر جي اترئين طرف ڏٺو ويو ۽ انهن کي عوام سان خراب رويو اختيار ڪرڻ تي پڪڙيو ويو آهي. پوليس سوشل ميڊيا تي اهو به ٻڌايو ته خبر ناهي هي ٻڪر ڪٿان آيا آهن پر هي ٻئي ٻڪر عوام جو پيڇو ڪري انهن کي پريشان ڪري رهيا هئا، پولي مزاحيه انداز ۾ اهو به لکيو ته غلط نه سمجھو، هي ٻئي ٻڪر تمام سهڻا ۽ پيارا آهن پر ٻڪرن يا ماڻهن جي لاءِ ڪنهن جو پيڇو ڪرڻ بهتر عمل نه آهي. ڀوڳن ڀوڳن ۾ پوليس آخر ۾ لکيو ته ٻڪرن جي اهڙين حرڪتن تي مٿن ڪو ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو پر انهن کي ڪنگ ڪائونٽي اينيمل شيلٽر ۾ رکيو ويو آهي ۽ ٻڪرن جي مالڪ جي ڳولا جاري آهي.