تازہ ترین

پنجن هفتن تائين برفاني جبلن ۾ ڀِٽڪندڙ شخص جيئرو لڌو ويو

ڪئناڊا (ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا جي جبلن ۾ گم ٿيندڙ شخص 5 هفتن کان پوءِ جيئرو لڌو ويو. راڪي مائونٽينز ۾ گرمي پڌ مائينس 20 ڊگي سينٽي گريڊ سان منهن ڏيندڙ 20 سالن جو سام بينيسٽڪ 19 آڪٽوبر تي گم ٿي ويو هو. هو ڪئناڊا جي صوبي ۾ برٽس ڪولمبيا جي ريدفيرن ڪيلي پارڪ جي 10 جي دوري کان پوءِ واپس موٽي نه سگھيو. آڪٽوبر جي آخر ۾ سندس ڳولا جو ڪم رائل ڪينيڊين مائونٽيڊ پوليس (آر سي ايم پي) ان وقت شروع ڪيو جڏهن گرمي پڌ مائينس کان به تمام گھٽ ٿي ويو هو. 26 نومبر تي ڪوريڊر فيرن ڍنڍ تي ڪم تي ايندڙ 2 ماڻهن هڪ شخص کي ڏٺو جنهن کي بعد اسپتال نيو ويو، جتي پوليس ان جي سڃاڻپ ڪري ورتي. آر سي ايم پي جي ترجمان موجب سام بينيسٽڪ کي جيئرو ڳولڻ بهترن نتيجو آهي، ڊگھي جاکوڙ بعد اندازو لڳايو پي ويو ته سندس بچڻ ممڪن ناهي. سام بينيسٽڪ پوليس کي ٻڌايو ته هن ڪجھه ڏينهن گاڏيءَ ۾ گذاريا ۽ پوءِ هڪ ڪريڪ ۾ 10 کان 15 ڏينهن تائين رهيو جنهن کان پوءِ هيٺ واديءَ ۾ منتقل ٿي ويو ۽ هن هڪ ڪئمپ تيار ڪري ورتي هئي، ان کان پوءِ هو ان علائقي ۾ پهتو جتي کيس هٿ ڪيو ويو. ايتري سخت سيءَ ۾ فروسٽ بائيٽ کي به منهن ڏنو، جڏهن ته عارضي شيلٽر سڙڻ جي ڪري گھڻي مقدار ۾ دونهون به سندس جسم ۾ هليو ويو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.