تازہ ترین

مودي لاهور برياني کائڻ وڃي سگھي ٿو ته ٽيم موڪلڻ ۾ ڪهڙو عار آهي: ڀارتي سياستدان

ممبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي سياستدان تيجاشوي ياديو به چيمپيئنز ٽرافيءَ جي لاءِ ڀارتي ٽيم کي پاڪستان موڪلڻ جي حق ۾ ڳالهايو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب رياست بهار جي اڳوڻي وي وزير لالو پرساد ياديوَ جي پٽ ۽ سياستدان تيجاشوي ياديوَ ڀارتي ٽيم کي پاڪستان موڪلڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته راندين ۾ سياست کي شامل ڪرڻ مناسب عمل نه آهي. ڀارتي سياستدان تيجا شوي ياديوَ جو چوڻ هو ته ڇا اولمپڪس ۾ هر ڪو هڪ ٻئي سان مقابلو ناهي ڪندو؟ ڀارتي ٽيم چيمپئنز ٽرافيءَ لاءِ پاڪستان ڇو نٿي وڃي سگھي؟ تيجا شوي ياديوَ سوال اٿاريو ته”جڏهن نريندر مودي برياني کائڻ لاهور وڃي سگھي ٿو ته ڪرڪيٽ ٽيم جي وڃڻ ۾ ڪهڙو عار آهي.“

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.