تازہ ترین

ڪرم ايجنسي: جنگبنديءَ جون ڪوششون ناڪام، وڌيڪ 12 ڄڻا مارجي ويا

ڪرم (ويب ڊيسڪ) ڪرم ايجنسيءَ ۾ جنگبنديءَ جي معاهدي وسيلي دشمني روڪڻ جون ڪوششون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ تازي هٿياربند ويڙهه جي نتيجي ۾ وڌيڪ 12 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 18 ماڻهو زخمي ٿي پيا. گذريل هفتي کان شروع ٿيل رتوڇاڻ جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 90 ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن. ڊان نيوز موجب عملدارن جو چوڻ آهي ته انڌا ڌنڌ فائرنگ جا تازا واقعا اپر ۽ لوئر ڪرم جي علائقن ۾ پيش آيا. خابرو اداري جي رپورٽ موجب فائرنگ جا تازا واقعا جالمي، چادريوال ۽ تالو ڪنج ڳوٺن جي وچ ۾ پيش آيا. لوئر، اپر ڪرم جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي، جھيڙيندڙ ڌرين لاشن ۽ يرغمالين جي ڏي وٺ به ڪئي، هڪ هفتي ۾ ڪرم ايجنسيءَ ۾ گڏيل طور مارجي ويندڙن جو تعداد 90 ٿي ويو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.