تازہ ترین

ٽرمپ ڪابينا جي نامزد ماڻهن کي بم حملن جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نامزد ڪابينا جي اڪثر شخصيتن کي بم حملن ۽ گاڏين سان ڪچلي ڇڏڻ جي واقعن ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي نئين ڪابينا ۽ وائيٽ هائوس ۾ پنهنجي ٽيم جي لاءِ جن ماڻهن کي نامزد ڪيو آهي انهن ۾ اڪثر ماڻهن کي مارڻ جون ڌمڪيون مليون پيون. رپورٽ موجب ٽرمپ طرفان نامزد گھٽ ۾ گھٽ 9 ماڻهن کي بم حملن يا ڪچلي ڇڏڻ جي واقعن ۾ نقصان پهچائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. جن ماڻهن کي ڌمڪيون مليون آهن انهن دفاع واري وزارت، هائوسنگ، زراعت ۽ ليبر سميت گڏيل قومن لاءِ آمريڪا جو نامزد سفير به شامل آهي. ٽرمپ کي اقتدار منتقلي ٽيم ميمبر ڪيرولين ليويٽ ٻڌايو ته ٽرمپ جي نئين ٽيم جي نامزد ماڻهن کي يا انهن سان گڏ رهندڙن کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان درخواست آهي هو انهن جي حفاظت يقيني بڻائين.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.