تازہ ترین

اسان جي غلطين سبب عمران خان تي سختيون وڌن پيون، ذميوار مرڪزي قيادت آهي: شوڪت يوسفزئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ ڪي پي جي اڳوڻي اطلاعات جي وزير شوڪت يوسفزئي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پارٽي قيادت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اسان جي غلطين جي ڪري عمران خان تي سختيون وڌي رهيون آهن، جنهن جي سموري ذميواري مرڪزي قيادت تي لاڳو ٿئي ٿي. شوڪت يوسفزئي پنهنجي بيان ۾ چيو ته بشريٰ بي بي جو مڙس بنا ڏوهه جي جيل ۾ آهي، هوءَ روڊن تي ڇو نه نڪري؟ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته باقي ليڊر شپ ڇا ڪيو؟ مرڪزي ليڊرشپ ڪٿي هئي؟ سندس چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ سنگجاني ۾ ڌرڻو هڻن جي اجازت ڏني ته ان تي عمل ڇو نه ٿيو؟ سياست ۾ حالتون ڏسي حڪمت عملي ٺاهي ويندي آهي. شوڪت يوسفزئي جو چوڻ هو ته اسان کي خدا هڪ وڏو موقعو ڏنو جيڪو اسان زيان ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن مشاورت سان اڳتي وڌجي ها ته اڄ نتيجا ڪجھه ٻيا هجن ها. هن چيو ته اسان جي غلطين جي ڪري باني پي ٽي آءِ جي سختين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جيڪي ڪجھه ٿيو ان جي سموري ذميواري مرڪزي قيادت تي لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته سموري اعليٰ قيادت صرف گاڏين ۾ ويهي روڊن تي هجڻ جون سوشل ميڊيا تي تصويرون جاري ڪندي رهي، جڏهن ته مرڪزي اڳواڻن مان علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به عملي ميدان تي موجود نه هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.