تازہ ترین

ڪرم ۾ ويڙهاند جاري، وڌيڪ 5 ڄڻا مارجي ويا، 8 ڏينهن ۾ مارجي ويندڙن جو انگ 107 ٿي ويو

ڪرم (ويب ڊيسڪ) ڪرم ضلعي ۾ جنگبنديءَ جي معاهدي باوجود هڪ ٻئي سان ويرهه جو سلسلو جاري آهي، جنهن دوران وڌيڪ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪجھه ڏينهن اڳ ڪرم ۾ ڌرين جي وچ ۾ جنگبنديءَ جو معاهدو ٿيو هو پر ان باوجود به 8 ڏينهن کان ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. پوليس موجب تازي ويڙهاند ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 9 ماڻهو زخمي ٿي پيا، تازي ويڙهاند ۾ هن وقت تائين 55 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 149 زخمي ٿي چڪا آهن. پوليس موجب 21 نومبر تي مسافر گاڏين تي حملي ۾ 52 ماڻهو مارجي ويا هئا. ضلعي انتظاميه موجب پشاور پارا چنار مرڪزي روڊ 8 ڏينهن کان بند آهي جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ڪرم جاويد الله جو چوڻ آهي ته مرڪزي روڊ بند هجڻ جي ڪري افغانسان سان خرلاچي سرحد تي واپاري سرگرميون پڻ معطل آهن. حالتون سخت ڇڪتاڻ واريون هجڻ ڪري علائقي ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سرورس پڻ بند آهي جنهن ڪري عوام سخت ڏکيائين منهن ڏئي رهيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڪرم موجب فائربندي ۽ وڌيڪ ويڙهاند روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هنگو، اورڪزئي ۽ ڪوهاٽ مان مشران جو جرڳو ڳالهين لاءِ پارا چنار پهچي رهيو آهي، ڌريون فائربنديءَ تي راضي آهن، فائربندي تي مڪمل عمل جون ڪوششون جاري آهن. ٻئي طرف گذريل ڏينهن ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ به ڪرم ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي ۽ کيس ڌرين جي وچ ۾ جنگبنديءَ جي ڪوششن بابت بريفنگ به ڏني وئي هئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.