اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير محسن نقوي سان ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين جي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سموگ تي گڏجي ضابطو آڻڻ بابت اتفاق ڪيو ويو، ان موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين چيو ته ورلڊ بينڪ ۽ سي ڊي اي جي گڏيل ٽيم سموگ جي خاتمي بابت پلان جوڙيندي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ اِي بسن، صاف پاڻي، صفائي ۽ ڪچي آبادين جي ترقي لاءِ سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون، گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته سموگ تي ضابطي لاءِ ترت مضبوط حڪمت عملي جوڙڻي آهي.