تازہ ترین

پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ گرفتار ٿيلن جا قيادت تي سنگين الزام

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران گرفتار ڪيل وڳوڙين پي ٽي آءِ قيادت مٿان کين ٺڳي ذريعي گهرائي ڦاسائڻ جا الزام هڻي ڇڏيا، اسلام آباد پوليس هٿان گرفتار ڪيل وڳوڙين سجاد، خورشيد اعواڻ، اياز ۽ رئيس محمد جا هوش اڏائيندڙ انڪشاف، گرفتار شرپسند سجاد جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ قيادت رابطو ڪري احتجاج ۾ شرڪت لاءِ چيو، جنهن لاءِ کيس 50 هزار رپيا به ڏنا ويا هئا، پي ٽي آءِ قيادت کيس ڦاسائي پاڻ فرار ٿي وئي، خورشيد اعواڻ نالي شخص چيو ته ڪاروبار جي سلسلي ۾ اسلام آباد اچي رهيو هئس، گاڏي نه ملڻ سبب وڳوڙين جي گاڏي ۾ ويٺس ته هٿيار، ڏنڊا ۽ پٿر ڏسي پريشان ٿي ويس، ٽول پلازا پهچڻ تي ڀڃ ڊاهه شروع ڪئي وئي، ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کيس پڪڙي ورتو، ٿر واسي رئيس محمد جو چوڻ آهي ته هُو هوٽل تي ڪم ڪندو آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ماني گهُرائي هُئي، جيئن ئي ماني ڏيڻ پهتس ته ماني گهرائيندڙ فرار ٿي ويا ۽ پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو، اياز نالي گرفتار شخص چيو ته کيس سڀ ڪجهه ڏيڻ جو چئي آندو ويو هو پر کيس اسلام آباد آڻيندڙ پاڻ ڀڄي ويا ۽ هُن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.