تازہ ترین

عدالتي حڪمن باوجود احتجاج ڪرڻ تي تحريڪ انصاف ۽ گھرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪمن باوجود اسلام آباد ۾ احتجاج ڪرڻ تي پي ٽي آءِ سميت گھرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد کي نوٽيسَ جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ احتجاج جي اجازت نه ڏيڻ جي عدالتي حڪمن باوجود وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ احتجاج ٿيڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق ڪئي. درخواست گذار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود مظاهرين اسالام آباد آيا ۽ زندگيءَ جو نظام مفلوج بڻائي ڇڏيو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ۽ انتظاميه اسلام آباد ۾ امن امان برقرار نه رکي سگھي، عدالتي حڪم جي نافرماني تي ڌرين جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي. جنهن بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت گھرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، آءِ جي اسلام آباد کي به نوٽيس جاري ڪري ايندڙ هفتي تائين جواب طلب ڪري ورتو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.