تازہ ترین

ڌرڻو هڪ تحريڪ آهي، جيڪا عمران خان جي ڪال تائين جاري رهندي: علي امين گنڊاپور

مانسهره (ويب ڊيسڪ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ڌرڻو هڪ تحريڪ آهي جيڪا عمران خان جي ڪال تائين جاري رهندي. مانسهره ۾ پريس ڪانفرسن ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته اسلام آباد ۾ احتجاجا جي لاءِ پرامن ڪال ڏني، اسان پنهنجي جائز حقن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اسان جي پارٽيءَ سان ڏاڍ ڪيو ويو آهي، اسان کي باني پي ٽي آءِ ڊي چوڪ وڃڻ جي اجازت ڏني هئي. هن چيو ته عمران خان چيو آهي ته جڏهن هو چوندو تڏهن ڌرڻو هڻنداسين، ته اها ڳالهه ياد رکو ته اهو ڌرڻو اڃا جاري آهي، هي ڌرڻو عمران خان جي اختيار ۾ آهي، اسان جي ڌرڻي ۾ ماڻهن کي گوليون هنيون ويون، اسان جا سوين ماڻهو شهيد ٿيا، سوين زخمين کي گوليون لڳيون، اسان جا هزارين ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن. علي امين گنڊاپور چيو ته ڌرڻو هڪ تحريڪ آهي جيڪا جاري رهندي، اسان کي عدالتن مان انصاف نه پيو ملي، اسان اسلام آباد پرامن احتجاج لاءِ پرامن مارچ جي ڪال ڏني، پرامن ڌرڻي تي گوليون هلايون ويون، اسان تي تشدد نه ٿئي ها ته اسان جا ماڻهو جواب به نه ڏين ها.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.