تازہ ترین

محسن نقويءَ جو نئين سال کان اڳ سمورن افغانين کي اسلام آباد نيڪالي ڏيڻ جو اعلان

ڪري اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران زخمي ٿيل آفيسرن ۽ جوانن جي عيادت ڪئي، گهرو وزير ۽ ڊي جي رينجرز زخمين آفيسرن ۽ جوانن جي حوصلي جي واکاڻ ڪئي، گهرو وزير جي زخمي جوانن کي بهتر علاج جون سهولتون ڏين جي هدايت. ان موقعي تي گھرو وزير محسن نقويءَ اهلڪارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان قوم جا هيرو آهيو، اوهان وڳوڙين جي سازش ناڪام بڻائي، اسان کي توهان جي بهادري تي فخر آهي، وڳوڙن باوجود اوهان صبر جو مظاهرو ڪيو. اسپتال جي دوري بعد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي گھرو وزير محسن نقويءَ  نئين سال کان اڳ وفاقي راڄڌاني ۾ افغان شهرين کي نيڪالي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، سندس چوڻ هو ته اسلام آباد جا سمورا رستا کوليا ويا آهن، افغان شهري 31 ڊسمبر بعد اسلام آباد ۾ نه رهي سگهندا، هن چيو ته ڪنهن افغاني کي اسلام آباد ۾ رهڻ لاءِ ڊي سي کان اين او سي وٺڻي پوندي، پي ٽي آءِ جي ڀڳوڙن لاشن جي ڪوڙي واويلا شروع ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جا شرپسند اسپتالن ۾ لاش ڳولي رهيا آهن، پي ٽي آءِ وارن کي شرمندگي لڪائڻ لاءِ جاءِ نه پئي ملي، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت اويلن ترجيح آهي، سوشل ميڊيا تي ئي لاشن جون تصويرون ڏيکاريون وڃن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.