تازہ ترین

اسلام آباد احتجاج ۾ مارجي ويندڙن ۽ زخمين جي فهرست جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تهريڪ انصاف جي احتجاج دوران اسپتال آندل زخمين ۽ فوتين جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي. پي ٽي آءِ جي گذريل ڏينهن احتجاج دوران اهلڪارن ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي وچ ۾ چڪريون گذريل ڏينهن جاري رهيون، رات جو دير سان پوليس ۽ رينجرز جي گرينڊ آپريشن کان پوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ورڪر اسلام آباد مان ڀڄي نڪتا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن طرفان پوليس سان چڪرين ۾ پارٽي ورڪرن جي مارجڻ بابت ڪيترائي مختلف بيان سامهون ايندا رهيا. پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبر شير افصل مروت طرفان احتجاج دوران 12 ورڪرن جي مارجڻ جو بيان سامهون آيو هو، جڏهن ته پي ٽي آءِ ترجمان طرفان 8 ڪارڪنن جي مارجڻ جو بيان سامهون آيو هو پر هاڻ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران زخمي ۽ مارجي ويندڙن جي فهرست سامهون اچي وئي آهي. پولي ڪلينڪ اسپتال اسلام آباد موجب پولي ڪلينڪ ۾ 2 لاش ۽ 26 زخمي آندا ويا، پولي ڪلينڪ آندل سمورن ماڻهن کي گوليون لڳل هيون، زخمين ۾ اڪثريت جو تعلق خيبرپختون خوا جي مختلف علائقن سان آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.