تازہ ترین

رات دير سان وڳوڙين خلاف وڏو آپريشن، اسلام آباد ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان، قيادت کسڪي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اسلام آباد ۾ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ هو ته مصنوبي تحت تحريڪ انصاف جي پرامن احتجاج جي في الحال ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ٿو وڃي. ترجمان جو چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ عمران خان جي هدايتن کي ڏسندي اڳتي جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو. تحريڪ انصاف جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ پرامن مظاهرين خلاف ظلم جو مظاهرو ڪيو ويو، هن دعويٰ ڪئي ته شهيد ڪيل 8 ڪارڪنن جا تفصيل اچي چڪا آهن، ڪارڪنن کي سڌيون گوليون هنيون ويون، ڪارڪنن جي قتل ۽ آپريسن جي مذمت ڪريون ٿا. ان کان اڳ پوليس ۽ رينجرز اسلام آباد ۾ ڏڦيڙ پهلائيندڙ مظاهرين خلاف گرينڊ آپريسن دوران 400 کان وڌيڪ وڳوڙي گرفتار ڪري ورتا هئا، پوليس ترجمان موجب راولپنڊي پوليس 26 نمبر ناڪي جي ويجھن علائقن ۾ گرينڊ آپريشن ڪيو جنهن دوران 400 کان وڌيڪ وڳورين کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سموري پنجاب ۾ 800 کان وڌيڪ وڳوڙين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار وڳوڙين وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار، وائرليس، غليلون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسلام آباد تي چڙهائيءَ جي سرواڻي ڪندڙ علي وڏو وزير ڪي پي علي امين گنڊاپور۽ عمران خان جي گھر واري بشريٰ بي بي، آپريشن جو ٻڌندي ئي گاڏين ۾ چڙهي موقعي تان کسڪي ويا. ان کان اڳ وڳوڙين اسلام آباد جي روڊن بيٺل ڪيترين ئي گاڏين کي باهيون ڏنيون ۽ ڪيترين ئي ملڪيت کي نقصان پڻ پهچايو، جنهن بعد اسلام آباد پوليس ۽ رينجرز وڳوڙيل خلاف گرينڊ آپريشن شروع ڪيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.