تازہ ترین

استعيفيٰ ڏي يا مرڻ لاءِ تيار ٿي، اتر پرديش جي وڏي وزير يوگي اديته ناٿ کي به ڌمڪي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اترپرديش جي وڏي وزير يوگي اديتيه ناٿ کي 10 ڏينهن ۾ استعيفيٰ نه ڏيڻ جي صورت ۾ مسلمان سياستدان بابا صديقيءَ جيان قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن. ڀارتي ميڊيا موجب ادتيه ناٿ جي نالي ملندڙ هڪ ڌمڪيءَ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ادتيه ناٿ 10 ڏينهن ۾ وڏ وزارت تان استعيفيٰ نه ڏني ته ان کي گذريل مهيني قتل ٿيندڙ نيشنلسٽ ڪانگريس پارٽيءَ جي مسلم اڳواڻ ۽ سلمان خان جي ويجھي دوست بابا صديقيءَ جيان قتل ڪيو ويندو. رپورٽ موجب ڌمڪيءَ وارو پيغام ممبئي ٽريفڪ پوليس کي گذريل ڏينهن هيلپ لائين ايپ جي نمبر تي هڪ اڻڄاتل نمبر تان مليو. پوليس عملدار اڃا ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن ته اهو نمبر ڪنهن جو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش جي وڏي وزير يوگي ادتيه ناٿ کي ڌمڪيءَ واري پيغام بابت آگاهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته کيس ملندڙ ڌمڪين بابت هن وقت تائين ممبئي پوليس ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو آهي. ياد رهي ته 12 آڪٽوبر تي ڀارتي سياسي شخصيت ۽ بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي ويجھي دوست بابا صديقيءَ کي ممبئيءَ ۾ قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي ذميواري ڀارت ۾ دهشت جي علامت بڻيل لارنس بشنوئي گينگ قبول ڪئي هئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.