تازہ ترین

پاڪستان سڀ کان پهريان، جيڪو رانديگر بهتر هوندو اهو ئي ٽيم ۾ هوندو: محمد رضوان

ميلبرن (اسپورٽس ڊيسڪ) ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رصوان چيو آهي ته اسان جي لاءِ پاڪستان سڀ کان پهريان آهي، جيڪو رانديگر بهتر هوندو اهو ئي ٽيم جو حصو هوندو. آسٽريليا جي ميلبرن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو ته ماضيءَ ۾ جيڪي ڪُجھه ٿيو ان کي وساري اڳتي وڌڻو آهي، سليڪشن ڪميٽيءَ جا ميمبر هتي هجڻ تي مان خوش آهيان. هن چيو ته پليئنگ اليون ۾ منهنجي به صلاح شامل هوندي پر باقي ماڻهن جي صلاح وٺڻ به سٺي شيءِ آهي، مان صلاح مشورن سان هلڻ وارن مان آهيان، نوجوان رانديگرن کي به صلاحون وٺندو آهيان، هاڻي جيڪي نوجوان رانديگر آيا آهن انهن وٽ به موقعو آهي. محمد رضوان چيو ته بابراعظم، شاهين ۽ نسين کي پاڪستان جي لاءِ تمام گھڻي پرفارمنس رهي آهي، اڄ بابر ۽ شاهين جو نالو پنهنجي پرفارمنس جي ڪري ئي آهي. رانديگرن تي خراب وقت ايندو آهي، هو به انهن ئي شين مان گذري رهيا آهن، بابر ۽ شاهين ان شيءِ کي سمجھن ٿا ۽ مان به سندن جيتري سپورٽ ٿي سگھي ڪندس.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.