تازہ ترین

ايران اسرائيل تي حملو ڪيو ته اسرائيل کي جوابي حملي کان نه روڪي سگھبو: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ايران کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران  اسرائيل تي هڪ ٻيو حملو ڪيو ته  اسرائيل کي جوابي حملي کان نه روڪيو ويندو، آمريڪي اختيارين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايران اسرائيل تي حملو ڪيو ته اسرائيل کي جوابي ڪارروائي کان نه روڪي سگھنداسين. آمريڪي ميڊيا ڪجهه ڏينهن اڳ خبر نشر ڪئي هئي ته ايران 5 نومبر تي ٿيندڙ آمريڪي صدارتي چونڊن کان اڳ اسرائيل تي حملو ڪري سگھي ٿو. گذريل ڏينهن ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي به چيو هو ته ايران خلاف قدمن تي آمريڪا ۽ اسرائيل کي سخت جواب ملندو. تهران ۾ رٿيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي آيت الله خامنه اي چيو هو ته آمريڪا ۽ يهودي حڪومت سميت دشمنن کي ڄاڻڻ گھرجي ته هو ايران ۽ مزاحمتي محاذ خلاف جيڪو ڪجهه ڪندا ان جو کين منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن يامين ياهو دعويٰ ڪئي هئي ته ايران تي هاڻوڪن حملن کان پوءِ ايران ۾ ڪنهن به هدف کي نشانو بڻائڻ جي سگھه رکون ٿا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.