تازہ ترین

اسٽيج ادارڪارا نرگس تي تشدد، انڪشاف

لاهور (شوبز ڊيسڪ) اسٽيج اداڪارا ۽ ماضيءَ جي مشهور رقاصه غزاله عرف نرگس تي مڙس طرفان شدد ڪرڻ بابت هڪ خانگي چينل حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيا آهن، خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ اداڪارا نرگس تي مڙس جي مبينا تشدد ۽ سندن وچ ۾ تڪرار تي ڳالهايو ويو، اداڪارا جي مڙس جا هڪ ٻي اداڪارا ۽ رقاصه مريم عليءَ سان لاڳاپا آهن، ان جي نرگس ۽ سندس مڙس وچ ۾ جھيڙو هلندڙ هو، پروگرام جي اينڪر جي دعويٰ موجب مريم علي به ماضيءَ جي مشهور رقاصه آهي ۽ هن ڪجھه سال اڳ رقص ڪرڻ کان پوءِ ٽي وي ميزبان آفتاب اقبال سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس ٻه ٻار به آهن پر پوءَ انهن ۾ طلاق ٿي وئي هئي. طلاق کان پوءِ مريم عليءَ جا لاڳاپا اداڪارا نرگس جي مڙس انسپيڪٽر ماجد بشير سان جڙيل آهن، جنهن تي اداڪارا پنهنجي مڙس کي خبردار به ڪندي رهي پر اداڪارا جي مڙس سندس ڳالهه نه مڃي. پروگرام ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته اداڪارا نرگس جي به انسپيڪٽر ماجد سان ٽين شادي آهي، ان کان اڳ ان جون ٻه شاديون به طلاق تي ختم ٿي چڪيون آهن. ياد رهي ته ان کان اڳ رقاصه ۽ ماڊل نرگس اسٽيج ٿيٽر تي نامناسب ۽ فحش رقص ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار به ٿي چڪي آهي ۽ ماضيءَ ۾ مٿس هڪ انسپيڪٽر جي قتل جو الزام به لڳايو ويو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.