تازہ ترین

ايم ڊي ڪيٽ جو پرچو ليڪ ٿيڻ جي جاچ لاءِ 96 شاگرد سائبر ڪرائيم وٽ پيش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ايڊميشن ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) جو پرچو ليڪ ٿيڻ جي جاچ دوران 96 شاگرد ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم سرڪل ۾ پيش ٿيا. ذريعن موجب ايف آءِ اي سائيبر ڪرائين سرڪل طرفان ايم ڊي ڪيٽ جو پرچو مبينا طور ليڪ ٿيڻ جي جاچ جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ شروعاتي طور 150 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جاچ جي لاءِ طلب ڪيو ويو هو. ايف آءِ اي ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته طلب ڪيل 150 شاگردن ايم ڊي ڪيٽ ۾ 200 مان 190 نمبر حاصل ڪيا هئا. ذريعن موجب جاچ دوران شاگردن پرچو يا گيس پيپر جي مبينا طور ليڪ ٿيڻ جا تفصيل فراهم ڪيا، جڏهن ته ڪجھه شاگردن ٻڌايو ته واٽس ايپ وسيلي هڪ ڏينهن اڳ انهن کي ملندڙ جلندڙ پرچو مليو هو، جڏهن ته شاگردن جي طرفان پرچا وڪڻندڙ ماڻهن جا نمبرز به فراهم ڪيا وڃن. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جاچ ۾ 100 سيڪڙو ليڪ پرچي بابت ڄاڻ ناهي ملي، ڪجھه ڏينهن ۾ شاگردن جا بيان سامهون اچڻ کان پوءِ وڌيڪ جاچ کي اڳتي وڌايو ويندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.