تازہ ترین

سپريم ڪورٽ ۾ ججز جي تعداد ۾ واڌ جو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي ججز جي تعداد ۾ واڌاري بابت بل قومي اسيمبليءَ ۾ جمعي تي پيش ڪيو ويندو. پارلياماني ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ ججز جو تعداد 17 مان وڌائي 23 ڪيو ويندو ۽ سپريم ڪورٽ چيف جسٽس سميت 23 ججز تي ٻڌل هوندي، جڏهن ته ججز جو انگ وڌائڻ جو بل حڪومت طرفان پيش ڪيو ويندو. ذريعن موجب بل خانگي ڪارروائي جي ڏينهن بيريسٽر دانيال چوڌري اڳ ئي پيش ڪري چڪو آهي. بل جي منظوريءَ جي لاءِ قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ جمعي تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ترميم ٿيل شيڊيول موجب اجلاس اڄ ختم ٿيڻ هو. ٻئي طرف پريڪٽس اينڊ پروسيجر ائڪٽ ۾ به ترميم تي مشاورت جاري آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.