تازہ ترین

وڏي وزير جي صدارت هيٺ دفاعي نمائش بابت اجلاس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ 12 هين عالمي دفاعي نمائش ۽ ٽئين آئيڊياز سيمينار جي اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ضياءُ الحسن لنجار، ڄام اڪرام ڌاريجو، ذوالفقار شاهه ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته آئيڊياز 2024ع 19 کان 22 نومبر تائين ڪراچي ۾ ٿيندو، سي ويو نشان پاڪستان تي شهرين لاءِ 21 نومبر تي ڪراچي شو جو اهتمام ڪيو ويندو، آئيڊياز 2024ع سيمينار سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ڳانڍاپن کي هٿي ملندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان جو عالمي امن جي مضبوطي ۽ تفاوت برقرار رکڻ ۾ مک ڪردار رهيو آهي، آئيڊياز جي ميزباني خطي ۾ ٽيڪنيڪل ترقي ۽ مٽاسٽا جي حوصلا افزائي لاءِ اسان جي عهد جو چٽو ثبوت آهي. اڄ اسان عالمي دفاعي  نمائش-آئيڊياز 2024ع لاءِ منصوبن کي حتمي شڪل ڏينداسين. ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آئيڊياز 2024ع جي انتظامن جو جائزو به ورتو، وڏي وزير هدايت ڪئي ته آئيڊياز جي موقعي تي شهر صاف سٿرو ۽ خوبصورت نظر اچڻ گھرجي، شهر ۾ فوٽ پاٿن کي رنڱي گرين بيلٽ ۾ ٻوٽا ۽ گاهه پوکيو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.