تازہ ترین

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جو سڀاڻي اجلاس ملتوي

*وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جو سڀاڻي اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس سڏايو هو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي جي منظوري ڏني وئي هئي.

ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان، اڳوڻي صدر عارف علوي ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جي منظوري به ڏني وئي.

جڏهن ته هاڻي خبرون آهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي ۽ عمران خان، عارف علوي ۽ قاسم سوري تي آرٽيڪل 6 تحت غداري جو ڪيس هلائي. فيصلو ڇا آهي؟

جڏهن ته ان فيصلي تي مسلم ليگ ن جي اتحادين پاران احتجاج ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته حڪومت ان معاملي تي کين اعتماد ۾ نه ورتو، جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ ن جي هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو

ان معاملي تي ٻنهي پارٽين وچ ۾ ملاقات به ٿي جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ لاءِ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جو اعلان ڪيو.

جڏهن ته ڪالهه هڪ ڀيرو ٻيهر اطلاعات واري وزير عطا تارڙ اعلان ڪيو ته پيپلز پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي واري معاملي تي حڪومت سان گڏ آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.