تازہ ترین

مشهور راڳي راحت فتح علي خان کي دبئي ايئرپورٽ تان گرفتار

مشهور راڳي راحت فتح علي خان کي دبئي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو آهي.

راحت فتح علي خان کي گرفتار ڪري بُرج دبئي پوليس اسٽيشن ۾ رکيو ويو آهي.

ذريعن موجب، راحت فتح علي خان جي اڳوڻي مئنيجر سلمان احمد سندس خلاف دبئي ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته راحت فتح علي خان پنهنجي هڪ ڪنسرٽ جي سلسلي ۾ دبئي پهتو هو جتي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته راحت فتح علي خان ڪجهه ڏينهن اڳ مئنيجر سلمان احمد کي تڪرار کانپوءِ برطرف ڪري ڇڏيو هو، راحت فتح علي خان ۽ اڳوڻي پروموٽر سلمان هڪ ٻئي خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيا هئا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.