تازہ ترین

گلوبل سائبر سيڪيورٽي فرم ڪرائوڊ جي سسٽم ۾ فني خرابي سبب ڪيترن ئي ملڪن ۾ بينڪن

گلوبل سائبر سيڪيورٽي فرم ڪرائوڊ جي سسٽم ۾ فني خرابي سبب ڪيترن ئي ملڪن ۾ بينڪن، هوائي ڪمپنين، ٽيلي ڪميونڪيشن ڪمپنين، ٽيلي ويزن، ريڊيو نشريات ۽ سپر مارڪيٽس جا سسٽمس متاثر ٿيا آهن

گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي کاتي پاران چيو ويو آهي ته عالمي آءِ ٽي سسٽم ۾ خرابي سان يو اي ايِ جا سمورا اليٽڪرانڪ سسٽم متاثر ٿيا آهن

عالمي آءِ ٽي سسٽم ۾ خرابي سبب دبئي ايئرپورٽ تي ٽرمنل هڪ ۽ 2 ۾ ڪجهه اڏامن جا چيڪ متاثر ٿيا، ڪجهه دير کانپوءِ ايئرپورٽ تي فلائٽ آپريشن معمول تي اچي ويو

برطانوي ميڊيا موجب لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج گروپ جي پليٽ فارم کي بندش کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته ٽرين سروس به متاثر ٿي

برطانيه جي ايئرپورٽ تي آٽوميٽڪ بورڊنگ پاس اسڪينرز غيرفعال ٿيڻ سبب مسافرن جي مينوئل طريقي سان چيڪنگ ڪئي وئي

پرڏيهي ميڊيا موجب سسٽم ۾ فني خرابي سبب اسپينش ايئرپورٽس، ترڪش ايئرلائن، آسٽريلين ميڊيا ۽ بينڪنگ آپريشنز متاثر ٿيا

آسٽريليا جي سڊني ايئرپورٽ جي ترجمان موجب عالمي ٽيڪنيڪل مسئلي سبب ڪجهه ايئر لائنز جو آپريشن متاثر ٿيو آهي ۽ شام تائين سڊني ايئرپورٽ تي پروازن ۾ ڪجهه دير ٿي سگهي ٿي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.