تازہ ترین

سنڌ جو راندين وارو وزير سردار محمد بخش مهر ٽيون ڀيرو سنڌ اولمپڪس ايسوسيئيشن جو چئن سالن لاءِ صدر چونڊجي ويو

سنڌ جو راندين وارو وزير سردار محمد بخش مهر ٽيون ڀيرو سنڌ اولمپڪس ايسوسيئيشن جو چئن سالن لاءِ صدر چونڊجي ويو.

سنڌ اولمپڪس ايسوسيئيشن جون ڪراچي جيم خاني ۾ چونڊون ٿيون، سنڌ اولمپڪس ايسوسيئيشن جي 28 نمائندن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو.

ان موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته سنڌ حڪومت اسپورٽس سٽي تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ ڪمشنر ڪراچي کي ڪراچي کان ٻاهر زمين ڏيڻ لاءِ خط به لکيو ويو آهي.

هُن چيو ته گذريل سال سنڌ صوبو راندين ۾ ٻين صوبن کان پهرين نمبر تي آيو، سنڌ ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي، صوبي جي ٽيلينٽ کي هٿي وٺرائڻ جي ڀرپورڪوشش ڪري رهيا آهيون. هُن چيو ته سنڌ اسپورٽس ڪئلينڊر به آڻي رهيا آهيون، جنهن ۾ سموريون رانديون شامل ڪيون وينديون، سنڌ ۾ ايندڙ مهيني رانديون منعقد ٿيڻ واريون آهن،جنهن تي صوبائي اسپورٽس کاتو ڪم ڪري رهيو آهي، سنڌ جي نوجوانن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.