تازہ ترین

ڀارت ۾ ڇتي گرمي: اينڪر هيٽ ويو جي خبر پڙهندي بيهوش

نئين دهلي ڀارت ۾ ڇتي گرمي سبب نيوز اينڪر هيٽ ويو جي خبر پڙهندي بي هوش ٿي وئي.ان ڏس ۾ ڀارت جي مختلف علائقن ۾ اڄڪلهه سخت گرمي آهي، جتي هيٽ ويو جي ڪري گرمي پد 46 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهتو آهي

گذريل ڏينن سخت گرمي دوران خبرون پڙهندي نيوز اينڪر بيهوش ٿي وئي، جنهن کي بعد ۾هوش ۾ آندو ويو. نيوز اينڪر هوش ۾ اچڻ بعد پنهنجي اها وڊيو سوشل ميديا تي اپلوڊ ڪئي، جنهن تي ماڻهن دلچسپ تبصرا به ڪيا

نيوز اينڪر جو چوڻ هو ته 21 سالن جي ڪيريئر ۾ ڪڏهن ايڏي گرمي ناهي ٿي جو پاڻ سان گڏ پاڻي جي بوتل به نه رکي آهي، هن چيو ته اڄ خبرون پڙهندي آواز دٻجي ويو، بليٽن مڪمل ڪرڻ چاهيم پر اکين آڏو اونداهي ٿي وئي. ۽ آئون پنهنجي ڪرسيءَ تي ڪري پيس.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.