تازہ ترین

January 10, 2025

Year : 2025

ڇويهه نومبر جو احتجاج، 24 پي ٽي آءِ ڪارڪنن جون ضمانت جون درخواستون رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 26 نومبر جي احتجاج وارن ڪيسن ۾ 24 پي ٽي آءِ ڪارڪنن جون ضمانت جون درخواستون رد، 153 ڪارڪنن جون ضمانت درخواستون منظور، دهشتگردي ٽوڙ اسلام آباد جي عدالت ضمانتن جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف ترنول، ڪوهسار، رمنا، سيڪريٽريٽ، مارگلا ۽ ٻين ٿاڻن […]

يورپي يونين طرفان پابندي ختم ڪرڻ کانپوءِ پي آءِ اي جون اڏامون بحال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين طرفان پابندي ختم ڪرڻ کانپوءِ پي آءِ اي جون اڏامون بحال، قومي ايئر لائن جي پهرين اڏامن چئن سالن کانپوءِ اڄ پيرس لاءِ رواني ٿيندي، پيرس لاءِ ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام جون سموريون ٽڪيٽون بڪ ٿي چڪيون.

ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان، سنڌ ۾ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي پاران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، کاتي موجب جابلو علائقن ۾ ٿڌ جي لهر برقرار رهندي، پنجاب ۽ سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي به ڪئي وئي، ڪوهيڙي سبب موٽر اي 2 اسلام آباد […]

غزا ۾ اسرائيلي دهشتگردي جاري، حملن ۾ وڌيڪ 27 فلسطيني شهيد

غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي دهشتگردي جاري، حملن ۾ وڌيڪ 27 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽  50 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اسرائيلي فوج 9 ڏينهن دوران 490 فلسطيني کي شهيد ڪري ڇڏيو، اربڪان پناهگير اسڪول تي حملي ۾ 3 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، 25 زخمي، غزا سٽي تي هوائي حملي ۾ 4 ڄڻا شهيد […]

لبناني پارليامينٽ آرمي چيف کي صدر مقرر ڪري ڇڏيو

بيروت (انٽرنيشنل ڊيسڪ) لبناني پارليامينٽ آرمي چيف کي صدر مقرر ڪري ڇڏيو، جنرل جوزف خليل عون پارليامينٽ جي 99 ميمبرن جي ووٽ سان صدر چونڊجڻ بعد عهدي جو حلف کنيو، پارليامينٽ کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته بحرانن مان نڪرڻ لاءِ سياسي انداز ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، وزيراعظم صدر جو دشمن نه پر ساٿي […]

آمريڪا جي اڳوڻي صدر جمي ڪارٽر جون آخري رسمون ادا

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر جمي ڪارٽر جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون، جمي ڪارٽر جون آخري رسمون واشنگٽن جي نيشنل ڪيٿيڊرل ۾ ادا ڪيون ويون، صدر جوبائيڊن، نائب صدر ڪملا ھيرس، ڊونلڊ ٽرمپ، بارڪ اوباما، بل ڪلنٽن ۽ جارج بش جي آخري رسمن ۾ شرڪت.

سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن جي ڪيس جي ٻڌڻي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن جي ڪيس جي ٻڌڻي، آرمي ايڪٽ اسپيشل قانون آهي، اسپيشل قانون جي شاهدين ۽ ٽرائل جو طريقيڪار مختلف هوندو آهي: بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث جا دليل، عام تاثر آهي ته فوجي عدالت ۾ ٽرائل رڳو سزا ڏيڻ جي حد تائين […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.