بيروت (انٽرنيشنل ڊيسڪ) لبناني پارليامينٽ آرمي چيف کي صدر مقرر ڪري ڇڏيو، جنرل جوزف خليل عون پارليامينٽ جي 99 ميمبرن جي ووٽ سان صدر چونڊجڻ بعد عهدي جو حلف کنيو، پارليامينٽ کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته بحرانن مان نڪرڻ لاءِ سياسي انداز ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، وزيراعظم صدر جو دشمن نه پر ساٿي ھوندو آهي، عدالتي نظام کي مڪمل آزادي ۽ خودمختاري حاصل ھوندي.