غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي دهشتگردي جاري، حملن ۾ وڌيڪ 27 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ 50 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اسرائيلي فوج 9 ڏينهن دوران 490 فلسطيني کي شهيد ڪري ڇڏيو، اربڪان پناهگير اسڪول تي حملي ۾ 3 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، 25 زخمي، غزا سٽي تي هوائي حملي ۾ 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا، دير البلاح ۾ هڪ گهر تي بمباري سبب 5 ڄڻن شهادت ماڻي، خان يونس ۾ اسرائيلي حملي ۾ موٽرسائيڪل سوار شهيد ٿي ويو، اسرائيلي فوج جا اولهندي ڪناري تي ڇاپا، 15 فلسطيني گرفتار.